ادب 1

ادب: ادب مان ڪنھن ملڪ جي ٻولي، ثقافت، سماج، سياست، اقتصاديات، طبعي حالتن، پوکن، گلن، ٻوٽن، وڻن ٽڻن، ندين، جبلن ۽ آبھوا جي معلومات ملي ٿي، جنھن مان اهو پڻ ثابت ٿئي ٿو ته ادب صرف تخيلي بيان ڪونهي بلڪه ڪنھن دؤر جي مجموعي شعوري ۽ لاشعوري سوچ، مشاهدي ۽ تجربن جو نچوڙ آهي، جنھن جو بنياد ماضيءَ جي مستقل روايتن تي رکيل آهي ۽ ان طرح اهو سماجي زندگيءَ جي تسلسل کي پڻ برقرار رکندو ٿو نظر اچي.
”ادب“ پنھنجي وجود ۾ وسيع معنيٰ ۽ مفھوم رکي ٿو. ’ادب‘ لفظ جي اوسر جڏهن عرب جي سر زمين تي ٿي، تڏھن يورپ وارن ان جو مفھوم Enlightened Literature يا ’Polite Literature‘ ڪري ورتو. جنھن مان اھو علم يا تحرير ظاهر ٿئي ٿي، جيڪا، لطافت ۽ علمي زيب و زينت ڏانھن اشارو ڪري ۽ انھن قدرن جي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اھا تحرير يا تخليق، جيڪا انساني طبيعت ۾ لطف، سڪون يا سرور پيدا ڪري. انسائيڪلو پيڊيا برٽينيڪا مطابق: ”لٽريچر (Literature ) ھڪ عام لفظ آهي، جنھن موجب خيال جو اظھار جيڪو تحرير ھيٺ اچي سو ادب آھي. اها لکت، جنھن ۾ زيب، زينت، حسن ۽ رعنائي هجي. ادب، لطافت ۽ زندگيءَ جي گوناگون حقيقتن جي ترجماني ڪري ۽ انهن خوبين جي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي.“ ادب جو بنيادي ڪم جمالياتي خوشي ڏيڻ آهي. ادب ۾ نثر توڙي شاعريءَ جون سڀ صنفون اچي وڃن ٿيون، ولاديمير لينن مطابق: ادب ھڪ آئينو آهي، ۽ جيڪو آئينو صحيح ۽ حقيقي عڪس پيش نه ڪري، سو آئينو نه سڏبو آهي. لينن پنھنجي مضمون بابت بورجوا رسالي ۾ لکيو آهي ته، ”صحيح ۽ سچو اديب عام ۽ ڄاتل حقيقتن جو نقش چٽي، پڙھندڙ کي مطالعي ۽ سوچڻ جي راهه تي وٺي ايندو آهي. سادن دليلن ۽ مثالن سان ھو انھن حقيقتن مان اھم نتيجا ڪڍي ڏيکاريندو آھي، ۽ پڙھندڙ جي ذھن ۾ زندگي ۽ زندگيءَ جي حقيقتن بابت نوان نوان سوال اڀاريندو آھي.“
ادب آرٽ جي ھڪ شاخ آھي جنھن کي ”فنِ لطيف“ به چئي سگهجي ٿو. ميٿيو آرنلڊ موجب: ”اھو سڀ علم جيڪو ڪتابن جي ذريعي اسان تائين پھتو آھي، اهو ادب سڏجي ٿو.“ ڪارڊ ڊينيل نيومين چوي ٿو ته: ادب مان مراد آهي ٻولي وسيلي خيال ظاهر ڪرڻ، خيال مان مطلب احساس، تخيل، راءِ، دليل ۽ انساني دماغ جا سڀئي ڪم آهن. نارمن جودڪ چوي ٿو ته: ”سمورن انساني خيالن ۽ احساسن جي جمالياتي اظھار واري تحريري سرمائي کي ادب چيو وڃي ٿو.
ادبي روايتون (Literary Traditions): دنيا جي هر ٻوليءَ جو ادب روايتن جي حسين زنجيرن ۾ جڪڙيل نظر ايندو آهي. هر ٻوليءَ جون ڪي مخصوص روايتون هونديون آهن، جن مان ڪنھن قوم جي تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي لاڙن جي خبر پوي ٿي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪيترن اديبن ٻين ٻولين جي ادب جون سٺيون روايتون اڌاريون وٺي پاڻ وٽ رائج ڪيون آهن. سنڌي ٻولي دنيا جي تھذيب يافته ٻولين مان هڪ آهي، جنھن کي پنھنجون قديم، فڪري طور ڀرپور تاريخي ۽ ثقافتي روايتون آهن. جن تي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي پيڙهه رکيل آهي. ان سان گڏ سنڌي اديب، دنيا ۽ پاڙيسري ٻولين جي بھتر روايتن ۽ هيئتن مان استفادو ڪري. پنھنجي ادب کي مالا مال ڪيو ۽ حالتن جي تقاضا موجب بنايو آهي.
ادب جو سماجي ڪارج (Social function of literature): ادب جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته ادب جي سماجي ڪارج، سماجي عڪاسيءَ تائين ارتقائي سفر ڪيو آهي، مثال طور: هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن ديوين ۽ ديوتائن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ گيتن، ڊرامن ۽ نظمن جي تخليق ٿيندي هئي، جنھن جو وڏو مقصد اهو هوندو هو ته ديوتائن جي اطاعت جو جذبو اڀارجي ۽ سندن خوشنودي حاصل ڪجي. اڳتي هلي جڳ مشھور فلاسفر افلاطون (427-437 ق-م) ادب جو سماجي ڪارج بيان ڪندي چيو ته ”ادب اهو آهي، جنھن مان اخلاق ۽ صداقت جي واڌ ويجهه ٿئي“. لوڪ ڪھاڻين تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته، جانورن، پکين ۽ ديون جي ڪھاڻين کان وٺي بادشاهن، راڻين، پرين، شھزادين، سورمن وغيره جي عشقيه داستانن مان ڪو نه ڪو اخلاقي درس ملي ٿو. چڱي ۽ بري جي تميز، چڱائيءَ جي سوڀ، مقصد ماڻڻ لاءِ انساني جاکوڙ، تڪليفون، ڏک ڏاکڙا، مظلوم جي داد رسي، ظالم سان جنگ، اهي سڀ ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته اوائلي ادب جا خالق پنھنجي ماحول تي نظر رکندا هئا. اڳتي هلي چيو ويو ته ’ادب زندگيءَ جو عڪس‘ آهي. تنوير عباسي لکيو آهي ته: ”ادب نه رڳو ٻاهرين دنيا کان متاثر ٿئي ٿو، پر ان سان گڏ ٻاهرين دنيا کي متاثر ڪرڻ جي صلاحيت به رکي ٿو. ادب جا مکيه مقصد ٻه آهن، اظھار ۽ تاثر. ٻنهي جو اسان جي چوڌاري وسندڙ ٻاهرين دنيا سان ڳوڙهو ڳانڍاپو آهي.“
ادب کي اسان ٻن حصن ۾ ورهائينداسين هڪ شاعري ۽ ٻيو نثر. سنڌ ۾ جيڪي اهڃاڻ ملن ٿا، اهي پھريان پھريان شاعريءَ ۾ ملن ٿا، جيڪي سومرن جي دؤر يا ان کان به آڳاٽا چئي سگهجن ٿا، ڇاڪاڻ جو عرب دؤر جو هڪ شعر به ملي ٿو ته ان کان اڳ جا ڪي ڳيچ به سامهون آيا آهن. شاعريءَ ۾ بيت، ڪافي، وائي، ڏوهيڙو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي صنفون آهن، جن کي ادب جو ابتدائي ڏاڪو چئي سگهجي ٿو، اسان وٽ نثري ادب جي باقاعدي ابتدا انگريزن جي دؤر کان ٿي آهي، جو ان دؤر ۾ ڇپائيءَ جو سلسلو شروع ٿيو، نه ته ان کان اڳ ۾ سيني به سيني جيڪي ڳالهيون هلنديون هيون، تن کي لوڪ ادب سڏيو ويو ۽ انگريزن جي دؤر کان جيڪو ادب ڇپجڻ شروع ٿيو، ان کي جديد ادب سڏيو وڃي ٿو، جنھن ۾ ڪھاڻي، ناول، مضمون، ڪالم، مقالو وغيره اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽر قاضي خادم لکي ٿو ته: ’جديد دؤر ۾ ادب جو شمار سماجي علمن ۾ ٿيڻ لڳو آهي.‘
مٿي بيان ڪيل حقيقتن جي بنياد تي ئي اڄ جي تحقيق جي پيڙهه به رکيل آهي. انھن جي وسيلي ئي سماج جي اوسر جو اندازو لڳايو ٿو وڃي. علم الانسان Anthropology ۽ آثار قديمه Archeology جا ماهر به پنھنجي کوجنا جو بنياد تخليقي ادب تي پيا ٻڌن. تاريخدان (Historians) پڻ انھن ئي بيانن کي پنھنجي معلومات لاءِ ڪم ٿا آڻين.
”ادب هڪ ئي وقت حال جو آواز ۽ مستقبل جي اڳڪٿي آهي.“ ادب کي اسان هيٺين شاخن ۾ ورهائي سگهون ٿا:
تخليقي ادب، تنقيدي ادب، افسانوي ادب، انقلابي ادب، مزاحمتي ادب، سياسي ادب، صحافتي ادب، سماجي ادب، تاريخي ادب، مذهبي ادب، ڀڳتي ادب وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو